فواد چوڌري جي بيان تي شبلي فراز نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير شبلي فراز سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو.

خانگي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته ڪابينا ۾ اليڪيشن ڪميشن جي فنڊنگ روڪڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو.

شبلي فراز چيو آهي ته اهو معاملو ڪابينا ۾ ڪجهه وزيرن ان وقت بحث هيٺ آندو جنهن وقت وزيراعظم نماز پڙهڻ جي لاءِ ويل هو.

پاڪستان مسلم ليگ نون جي محمد زبير تنقيد ڪندي چيو ته اهو ته انتهائي سنجيده نوعيت جو معاملو آهي ته وزيراعظم جي غير موجودگي ۾ ڪابينا فيصلا ڪري ڇڏي ۽ وزيراعظم کي انهن جي خبر ئي نه هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.