هوسڙي: او جي ڊي سي ايل جي چوڪيدارن جو احتجاج

هوسڙي: سنڌ جي قدرتي وسيلن تان مقامي ماڻهن کي دستبردار ڪرڻ وارو سلسلو نه رڪيو، ٽنڊي عالم مري ۾ او جي ڊي سي ايل جي ملازمن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

هوسڙي ويجهو او جي ڊي سي ايل ڪمپني ۾ تيل جي کوهن تي چوڪيداري ڪندڙ ملازمن سليم، مشتاق، حسين بخش، دانش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪمپني جي گيٽ اڳيان احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو ته جن زمينن مان تيل نڪري ٿو اهي اسان جي ذاتي ملڪيت آهن، ڪپمني اسان کي ئي پڪو نٿي ڪري.

هنن چيو ته 17 سال لڳاتار کوهن تي چوڪيداري ڪئي آهي پر ڪنهن هڪ به مقامي چوڪيدار کي پڪو ناهي ڪيو ويو.

مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته جيسين تائين مقامي چوڪيدارن کي پڪو نه ڪيو ويندو تيستائين احتجاج جاري رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.