جسقم اڳواڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيا، پڊعيدن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جو ڌرڻو

پڊعيدن ( ن ع آ ) ويهه ڏينهن اڳ درياخان مري  ميلي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ قتل ٿيل ڳوٺ ميرانپور جي رهواسي رٽائرڊ پرائمري استاد ۽ جسقم اڳواڻ خالد پلهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پلهه برادري، شهرين، سياسي  ماجي اڳواڻن سان گڏ نصرت ڪئنال تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي ان موقعي تي  غلام مصطفي پلهه، شاهد پلهه، ذڪريه پلهه  ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تقريبن ويهه  20 ڏينهن اڳ اسان جي محسن استاد خالد پلھه کي درياخان مري ۾ ميلي ۾ فائرنگ ڪري شھيد ڪيو ويو آھي، جنهن جا هن محل تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آھن،جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندا ايستائين اسان جو احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو ۽ مسلسل ڌرڻا هڻندا رهنداسين، ٻئي پاسي ايڇ او پڊعيدن ٻڌايو ته واقعو درياخان مري شھر ۾ ٿيو آھي اسان جي حد نه آھي باقي اسان ڪوشش ڪيون ٿا ته جلد کان جلد قاتل گرفتاري ڪرائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.