هر بيماريءَ کان بچڻ لاءِ رڳو هي ٽي ڪم ڪيو

 

عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب ڪا به بيماري ان وقت تائين توهان جي جسم تي حاوي نٿي ٿي سگهي، جيستائين توهان جو مدافعتي نظام مضبوط آهي پر اهو ڪيئن مضبوط بڻائجي؟

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان رڳو ٽن شين جو خيال ڪيون ته سولائي سان پنهنجي مدافعتي نظام کي نه رڳو مضبوط بڻائي سگهون ٿا پر بيمارين کان پاڪ هڪ صحتمند زندگي به گذاري سگهون ٿا.

مناسب غذا

غير صحت بخش کاڌن جي عادت توهان جي مدافعتي نظام کي متاثر ڪرڻ جو بنيادي سبب آهي، پنهنجي جسم جي وٽامن سان ڀرپور غذائن سان پرورش ڪيو ۽ ان کي ڪافي مقدار ۾ ريشو فراهم ڪيو.

اهڙيون عذائون استعمال ڪيو، جيڪي توهان جي جگر کي مضبوط بڻائن، جهڙوڪ تازا ميوا، سبزيون وغيرا.

پوري ننڊ

پوري ننڊ توهان جي جسم لاءِ بهترين آهي، جسم کي پنهنجي بحالي ۽ مرمت لاءِ اهڙا 8 ڪلاڪ گهربل هوندا آهن، جن ۾ توهان سمهندا آهيو.

اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته رڳو 8 ڪلاڪ ننڊ جا فائدا ناهن جيڪڏهن توهان غلط وقت تي سمهو ۽ اٿو ٿا، تنهن ڪري وقت تي سجهو ۽ وقت تي اٿو.

ورزش

سائنسي تحقيق سان اها ڳالهه ثابت آهي ته ورزش جي عادت مدافعتي نظام کي مضبوط بڻائي ٿي، باقاعدگي سان ورزش ٽي سيلز کي متحرڪ ڪري ٿي، اهي هڪ قسم جا وائيٽ بلڊ سيلز آهن، جيڪي جسم کي انفيڪشن کان بچائن ٿا پر هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته سخت ورزش مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪندي آهي، تنهن ڪري اهڙي ورزش ڪيو، جيڪا آساني سان ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.