ثانيا مرزا جي ڪراچي ياترا، کيس سنڌ جي راڄڌاني جي ڪهڙي شئي وڻي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا اڄڪلهه پنهنجي مڙس قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ سان گڏ پاڪستان ۾ موجود آهي، جيڪا مختلف هنڌن جو دورو ڪري رهي آهي.

ثانيا مرزا پرفيوم لانچنگ تقريب جي سلسلي ۾ پاڪستان آئي آهي، جيڪا لاهور جي دوري کانپوءِ ڪراچي پهتي.

ڀارتي ٽينس اسٽار تازو پنهنجي مڙس سان گڏ ڪراچي جي هڪ نجي مال جو دورو ڪيو، جتي سندس اچڻ جو ٻڌي وڏي انگ ۾ مداح به پهچي ويا.

مال ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندي ثانيا مرزا ڪراچي جي برياني جي تعريف ڪئي، جنهن تي ميزبان ثانيا مرزا کان پڇيو ته توهان ڪراچي جي برياني کاڌي آهي، ڪيئن لڳي توهان کي اسان جي ڪراچي جي برياني؟

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Irfanistan (@irfanistan)

ثانيا جواب ڏنو ته مان ڀارتي شهر حيدرآباد جي آهيان، اتان جي برياني ڏاڍي مشهور آهي پر مان چئي رهي آهيان ڪراچي جي برياني ڏاڍي سٺي آهي ته ڏاڍي سٺي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.