اومي ڪرون جو خدشو، سنڌ حڪومت نيون پابنديون هڻي ڇڏيون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي نئين قسم ”اومي ڪرون“ جي ڏسندي صوبي ۾ نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون.

سنڌ حڪومت آفريقا مان پکڙجندڙ نئين خطرناڪ قسم اومي ڪرون جي خدشي ۽ ڪورونا ويڪسينيشن مهم ۾ سستي تي سي ڪيٽيگري ۾ شامل ضلعن ۾ پابنديون وڌائي ڇڏيون آهن.

صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل حڪم نامي تحت سي ڪيٽيگري ۾ شامل ضلعن جي هوٽلن ۾ 50 سيڪڙو سيٽون خالي رکڻ لازمي هوندو، ائين ڪراچي ۾ ان ڊور دائننگ لاءِ 30 سيڪڙو سيٽون خالي رکڻ جي پابندي هنئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ هوٽل 70 سيڪڙو کان وڌيڪ سيٽن تي ماڻهن کي نه ويهاري سگهندا.

هي به پڙهي سگهو ٿا: هوشيار، اومي ڪرون وڌيڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ پهچي ويو

ڪورونا ايس او پيز بابت نئين حڪم نامي تحت لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، حيدرآباد ڊويزن، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ شادي تقريبن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي هنئي وئي آهي.

سانگهڙ ۽ سکر جي ضلعن ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ 500 ماڻهن جي ان ڊور ميڙاڪن جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته سياحت، تفريحي ماڳن، سوئمنگ پولز تي وڃڻ ۽ فلائيٽ جو سفر ڪورونا ويڪسينيشن سان مشروط هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا: ڪابينا اجلاس: فواد چوڌري جي ڪورونا جي نئين قسم بابت اهم ڳالهه ٻولهه

سنڌ جي گهرو کاتي چيو آهي ته صوبي ۾ سئنيما گهرن ۾ رڳو ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي داخلا جي اجازت هوندي، ڪاروباري مرڪز رات 10 وڳي بند ڪيا ويندا، جڏهن ته تعليمي ادارا جيئن جو تيئن کليل رهندا.

سنڌ ۾ وبائي مرضن جي ايڪٽ تحت نيون پابنديون 15 ڊسمبر تائين لاڳو رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.