نيب جي 7 ڊائريڪٽر جنرلز جي 21هين گريڊ ۾ ترقي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب ۾ 7 ڊائريڪٽر جنرلز جي 21هين گريڊ ۾ ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

سليڪشن بورڊ جي سفارشن جي روشني ۾ نيب چيئرمين جي منظوري کانپوءِ آفيسرن کي 21هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي.

21هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙن ۾ ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم، ڊي جي نيب راولپنڊي عرفان نعيم منگي ۽ ڊي جي نيب سکر عرفان بيگ شامل آهن.

پڌرائيءَ موجب عرفان علي، سلطان سليم ۽ مسعود عالم کي به 21هين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.