ڪابينا اجلاس: فواد چوڌري جي ڪورونا جي نئين قسم بابت اهم ڳالهه ٻولهه

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪورنا جو نئون قسم اومي ڪرون ڏهوڻ تي تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي، اهو پاڪستان ضرور ايندو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ فواد چوڌري چيو ته اڄ ڪورونا جي نئين قسم تي اسد عمر ۽ ڊاڪٽر فيصل سلطان بريفنگ ڏني، خبر پئي ته اهو وائرس گهڻي تيزي سان پکڙجي ٿو، اڄ ڪابينا صوبائي حڪومتن ۽ عوام کي چيو ته بنا دير ويڪسين لڳرايو.

سندس چوڻ هو ته اومي ڪرون پاڪستان ضرور ايندو پر اسان ان کي به شڪست ڏينداسين.

ڪورونا رليف پيڪيج جي آڊٽ رپورٽ تي فواد چوڌري چيو ته ناڻي واري وزارت پهرئين ڏينهن ئي ٻڌايو ته آڊٽ پيراز دست ناهن، آڊٽ اعتراضن تي ثانيا نشتر تفصيلي بريفنگ ڏني.

هن چيو ته احساس پروگرام ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي پئسا جاري ٿيا پر استعمال نه ٿيا، ڪورونا فنڊ جي ذميوار ٽنهي ايجنسين کي چيو آهي ته ان تي تفصيلي رپورٽ ڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.