ڪوٽڙي : ڊي سي جي صدارت هيٺ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ اجلاس

ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي صدارت هيٺ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ اجلاس ڪوٺايو ويو.

ڊي سي ڄامشورو ڪيپٽن (ر) فريد الدين مصطفيٰ جي صدارت هيٺ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل آفيسرن سان دربار هال ڄامشوري ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو.

اجلاس ۾ ايس ايس پي ڄامشورو جاويد احمد بلوچ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر  علي ذوالفقار ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊي سي ڄامشورو جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم تي  عملدرآمد ڪرائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي ضلعي ۾ سرڪاری زمينن تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.