يونيورسٽي جي هاسٽل مان هڪ ٻي شاگردياڻي مُئل حالت ۾ هٿ

 

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد زرعي يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب شاگردياڻي زرعي يونيورسٽي ۾ بي ايس فوڊ ٽيڪنالاجي ۾ پڙهندي هئي، جنهن جو لاش گرلز هاسٽل مان هٿ آيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيڪو ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:نوشين ڪاظمي واقعو: وڏي وزير عدالتي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

پوليس اختيارين چيو ته واقعو شروعاتي طور آپگهات لڳي رهيو آهي، شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن ۽ ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي ته گذريل هفتي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان پڻ شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جو ڪمري مان لاش هٿ آيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.