قمبر: ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن جو ٽريزري ذريعي پگھارون نه ٿيڻ خلاف احتجاج

قمبر ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پارانب مختيار خاصخيلي، عاشق گوپانگ، ذوالفقار ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوري سنڌ جي مختلف سرڪاري کاتن جا ملازمن  ٽريزري ذريعي پگھارون کڻي رھيا آهن پر ميونسپل ڪاميٽي جا ملازم آن لائين پگھارون نه ھئڻ ڪري ھر مھيني پريشانين کي منهن ڏيئي رھيا آهن.

ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل کاتي جي ملازمن کي آن لائين پگھارون ڏيئي پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.