چمبڙ ڀرسان ڌرين ۾ جهيڙو، 7 ڄڻا زخمي

چمبڙ (ن ع آ) چمبڙ ويجهو ڳوٺ ھاشم نوداڻي ۾ زميني تڪرار تان نوداڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سان ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا سخت زخمي رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ مان ابتدائي طبي امداد بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل رپورٽ موجب چمبڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ھاشم نوداڻي ۾ نوداڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جنهن ۾ ھڪ ڌر جا 3 سڳا ڀائر  مقبول احمد نوداڻي وقار نوداڻي عبدالغفار نوداڻي ۽ ٻئي ڌر جا خان محمد نوداڻي نور احمد نوداڻي رضوان نوداڻي عباس نوداڻي عبدالرحمان نوداڻي سخت زخمي ٿي پيا جهيڙي جي 7 زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر چمبڙ مان ابتدائي طبعي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.