لکي پوليس 2 استاد پڪڙي لاڪ اپ ڪري ڇڏيا

لکي غلام شاھ (ن ع آ) چڪ پوليس هٿان 2 پرائمري استاد ڊيوٽي دوران گرفتار ڪري ڪيترائي ڪلاڪ گم ڪرڻ بعد لاڪپ ڪيا ويا پوليس تفصيل ٻڌائڻ کان لنوائيندي رهي .ڍور ڦر ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿيا آھن ذريعا (تفصيل موجب) چڪ پوليس چڪ پرائمري اسڪول ۽ مسافر ڳوٺ پرائمري اسڪول مان 2 استادن اسدالله مهر ۽ عبدالسميع مهر کي ڊيوٽي دوران اسڪول مان گرفتار ڪري ڪيترائي ڪلاڪ نامعلوم هنڌ تي گم ڪري ڇڏيو  پ ٽ الف ۽ تعليم کاتي جي عملدارن جي تحرڪ وٺڻ بعد چڪ پوليس ٻنهي استادن کي چڪ ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ گرفتاري جو ڪارڻ ٻڌائڻ کان لنوائيندي رهي جڏھن ته پوليس ۽ آزاد ذريعن جو چوڻ آھي ته ٻنهي پرائمري استادن کي مهر برادري جي ٻن ڌرين اڳوڻي يوسي چيرمين نجيب الرحمان مهر ۽ سيف الله مهر وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ تان  سيپڪو ملازم نصير مهر جون ميبنا طور ڦر ٿيل مينهن جي ڦر جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي جڏھن ته پرائمري استاد اسدالله مهر ۽ عبدالسميع مهر جي عزيزن استاد رفيق مهر  سفيع الله مهر امام الدين مهر  ۽ پ ٽ الف اڳواڻن استاد خليل احمد مهر ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته چڪ پوليس ٻن پرائمري  استادن کي ڊيوٽي دوران اسڪول مان گرفتار ڪري انتهائي غلط حرڪت ڪئي آھي جنهن سان اسڪول جي شاگردن ۾ خوف پيدا ٿيو آھي.  تعليم کاتي جو سيڪريٽري ۽ ڊي سي شڪارپور نوٽيس وٺي اسڪول منجهان استادن کي گرفتار ڪري کڻي ويندڙ عملي ۽ صوبيدار خلاف قدم کنيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.