پيرو لاشاري (ن ع آ ) امام واھ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ڪري تمام وڏو نقصان ٿيو آھي، پاڇاٽيون پوکيل سارين جو فصل سڪي ختم ٿي ويو، جڏھن ته ٽماٽن جو پوکيل فصل به پاڻي نه ھئڻ ڪري سڪي تباھ ٿي رھيو آھي آهي ڳالھيون آبادگار علي اڪبر نوحاڻي، مامون نوحاڻي، قاسم شيخ ۽ ٻين ضحافين سان ڪيون، هنن چيو ته ٻين شاخن کي واري جو پاڻي ڏنو وڃي ٿو پر امام واھ کي واري جو پاڻي به نه مليو آھي، جنھـن ڪري ڪمند جي فصل ۽ ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي به نه ٿي سگھي آھي، هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سارين به جي آ باڊي گهٽ ٿي آهي، وري چيٽ جي آبادي کان به متاثر ٿي رهيا آهيون، حڪومت جي اسان سان الاهي ڪهڙي دشمني آهي، هنن چيو ته اسان جا ٽماٽا پوکيل هئا سي سڙي ختم ٿي رهيا آهن، هنن چيو ته اسين ڪافي پريشان آھيون، هنن جو حڪومت سنڌ، تر جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آھي ته امام واھ کي پاڻي ڏئي اسان جا پوکيل فصل بچايا وڃن ته جيئن اسان ٻچن جو گذر ڪري سگهون