ڏهرڪي لڳ زال کان ٻار ڇنڻ جي ڪوشش، مزاحمت، مڙس تيزاب هاري ڇڏيو

ڏهرڪي ( ت ر ) ڏھرڪي جي القطب ٽائون ۾ ريتي واسي ھمراھ شڪيل ملڪ پنھنجي طلاقيل زال صوبيه ڌيءَ عبدالعزيز ملڪ کان پنھنجا ٻار ڇنڻ لاءِ حملو ڪري ڏنو. حملي دوران  عورت کان سندس ٻه ٻار  ڇنڻ جي ڪوشش ڪئي. ته گھر ڀاتين جوابدارن سان مزاحمت ڪئي. جنھن تي حملي آورن صوبيه مٿان مبينا طور  سندس ساڄي ٻانھن تي تيزاب ھاري ڇڏيو جڏھن ته کيس بچائڻ لاءِ پھتل سندس پيرسن پيءُ عبدالعزيز ۽ ڀاءُ عامر کي تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا. واقعي بابت صوبيه ملڪ ٻڌايو ته سندس مڙس 10 محرم تي  ھن کي ڳورھاري حالت ۾ طلاق ڏئي گھران ڪڍي ڇڏيو. جنھن بعد مان پنھنجا ٻار وٺي پيڪن پھتس. جتي منھنجي مڙس شڪيل پنھنجي ڀاءُ عزيز،ذوالفقار، امجد ۽ ٻين سان گڏجي اسان جي گھر تي حملو ڪري ٻار اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان جي مزاحمت تي منھنجي مڙس منھنجا مٿان تيزاب ھاري ڇڏيو جڏھن ته باقي جوبدارن منھنجي پيرسن پيءَ ۽ ڀاءُ کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائيندي فرار ٿي ويا، حياتي کي خطرو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي واقعي جي منصفاڻي جاچ ڪرائي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.