قمبر لڳ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، نوجوان فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قمبر ويجهو نورنگ واھه روڊ تي ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ ڳوٺ محمد مراد جاگيراڻي واسي 17 سالن جو نوجوان وحيد سولنگي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن طرفان زخمي نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي فوتي نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته وحيد سولنگي موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ڪنهن ڪم سان قمبر شهر ويو جتان ڳوٺ واپسي تي سندس موٽرسائيڪل جو سامهون ايندڙ موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گھر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.