جاتي ۾ پورهيت فائر ڪري پاڻ کي ماري ڇڏيو

جاتي(ن ع آ)جاتي ويجهو ڳوٺ محمد صديق گهنو ۾ 22 سالا نوجوان حجامت جو ڪم ڪندڙ حسيب ولد امير ڏنو گهنو معمولي ڳالهھ تان  ڪاوڙجي صبح سوير پسٽل پنهنجي پاڻ تي فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن اطلاع ملڻ تي جاتي پوليس لاش کڻاءِ تعلقي اسپتال تي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،ٻي طرف زريعن کان معلوم ٿيو ته نوجوان جي هڪ مهيني بعد شادي ٿيڻي هئي ۽ صبح سوير پنهنجي منڱيدي سان فون تي ڳالهائڻ بعد پاڻ تي فائر ڪري خودڪشي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.