اڪري چودڳي ڀرسان بااثر جي ظلم جي ستايل عورت ٿاڻي پهتي

اڪري چودڳي (ن ع آ)  اڪري ڀرسان ڳوٺ حسين پاتو واسي شادي شده  20 سالا ڳورهاري عورت اميران لاشاري اڪري ٿاڻي تي پهتي جتي مسمات اميران اڪري ٿاڻي تي پهچي دانهيندي چيو تہ ڳوٺ ميرمحمد پاتو واسي سندس بااثر  مائٽ لاشاري  الله بخش ،حسن، اصغر، قاسم ۽عالم لاشاري کيس ڏيڍ مهيني کان ناحق بند ڪري ڇڏيو هو اڄ وجھ وٺي نڪري اڪري ٿاڻي تي پهتي آهيان مسمات اميران دانهيندي چيو تہ مون کي ناحق بند ڪري تشدد ڪيو ويندو هو ۽مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون وينديون هيون مسمات اميران دانهيندي التجا ڪندي چيو تہ مٿين مذڪورھ جوابدارن مان زندگي کي خطرو آهي ۽ مان پنهنجي والدين ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي هوڏانهن اڪري پوليس مسمات اميران کي سول ڪورٽ فيض گنج ۾ پيش ڪيوجتي عدالت ناري اميران جي مرضي ۽ بيان بعد کيس سندس مڙس مور لاشاري حوالي ڪري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.