چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪريو، سکر ۾ شاگردن جو احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر جي آباد ٿاڻي جي حد الجنت اسڪول جي شاگردن پاران چوري ٿيل موٽرسائيڪل نه ملڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھرين آباد پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا ھئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ زبير احمد، عرفان علي ۽ ٻين چيو ته ھڪ مھينو اڳ آباد ٿاڻي جي حد مان وارث علي جي موٽرسائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا ھئا. واقعي جي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ھن وقت تائين چوري ٿيل موٽرسائيڪل ھٿ ناھي ڪيو ويو. موٽرسائيڪل نه ملڻ سبب اسڪول وڃڻ ۾ سخت تڪليف پيش اچي رهي آهي. ھنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.