ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪانهيا ڪماري جي قتل خلاف احتجاج، نعرا

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر)ڪنڌڪوٽ ۾ ٻٻر لوءِ واسي معصوم ڪانھا ڪمار جي قتل واري واقعي خلاف ھندو نوجوان سنڱت جي سڏ تي سول سوسائٽي  پاران پريس ڪلب آڏو دليپ ڪمار ٺاڪر،ڊاڪٽر سريش مکي،علي حسن ملڪ، لياقت علي کوسو، راجا گوپي چند، بقا محمد بنگوار،حفيظ ملڪ، غلام رسول ميراڻي،عبدالغني بجاراڻي،سيد سڪندر علي شاھ،محسن پٺاڻ، فقير گوڪل داس،سنتوش اگروال، پرڪاش لال، درپن ڪمار،اشوڪ ڪمار بترا، جئرام سچدیو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين ظالمو جواب ڏيو ،خون جو حساب ڏيو، معصوم نينگر جي خون سان انصاف ڪيو نعريبازي ڪندي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته معصوم ڪانھا ڪمار سان درندگي ڪري بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدارن کي اعتراف بعد عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جيئن ھن ڌرتي ۾ معصوم ٻارڙن کي تحفظ ملي سگھي ۽ آئندہ اھڙا درندگي وارا واقعا روڪي سگجھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.