ٽنڊي باگي لڳ نوجوان جو قتل ڪيس داخل، 3 جوابدار گرفتار

ٽنڊو باگو رپورٽ دوست محمدچانڊيو ٽنڊي باگي ويجهو  ڏيئي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ الياس راهمون ۾ 22 ساله نوجوان الله بچايو راهمون قتل  معاملو، ڏيئي ٿاڻي تي مقتول نوجوان الله بچايو راهمون جي چاچي جي فرياد تي 3 گهربل ۽ 2 نامعلوم جوابدارن سميت 5 ڄڻن تي ڪيس داخل 3 گرفتار ، پوليس ذريعن موجب هڪ جوابدار نواب راهمون ڏوھ قبول ڪيو آهي، واضع رهي ته 2 ڏينهن اڳ تلهار ويجهو ڏيئي ٿاڻي جي حد ۾ پراسرار نموني 22 ساله نوجوان الله بچايو راهمون گم ٿي ويو هو جنهن جو ٻئي ڏينهن ڳوٺ ڀرسان هڪ کوه مان ٻوري ۾ بند پيل لاش هٿ آيو هو جنهن جو ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ واقعي جو سخت نوٽيس ورتو هو، جنهن بعد پوليس ڪاروائي ڪري 3 جوابدارن نواب راهمون ،نيڪ محمد راهمون ۽ علي نواز راهمون کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو هو، اڄ ڏيئي ٿاڻي تي گرفتار ٿيل جوابدارن سميت 5 جوابدارن تي فوتي جي چاچي محمد رفيق راهمون جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته 3 جوابدار گرفتار آهن، پوليس ذريعن موجب واقعو گهرو تڪرار سبب پيش آيو آهي ۽ هڪ جوابدار نواب راهمون ڏوھ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.