جيڪب آباد م بدامني، واپارين ۽ دڪاندار کان هٿيارن جي زور تي ڦر

جيڪب آباد (ڊر )جيڪب آباد سول لائين ٿاڻي جي  حد ريلوي ڦاٽڪ جمالي واهه لڳ هٿيار بند واپاري عثمان ڪوريجو کان 60 ھزار روڪ رقم  ۽ دڪاندار ثناءُ الله  لاشاري کان 20 ھزار روڪ رقم هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي ۽ کيس مزاحمت تي زخمي ڪري  واردات ڪري باآساني فرار ٿي ويا بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو ويو مگر پوليس نه آئي جيڪڏھن پوليس بروقت پھچي ناڪابندي ڪرائي ھا ته شايد جوابدار گرفتار ٿين ھا متاثرن چيو ته مددگار ۽ سول لائين ٿاڻي جي پوليس کي بروقت اطلاع ڏيڻ جي باوجود به ڪلاڪ دير سان پھتي ڏينهن ڏٺي جو اهڙي رھزني جي واقعي کان پوءِ  اتان جي رهواسين  ۾ خوف جي لھر ڇانيل هئي، پوليس بروقت پھچي ڪارروائي يا ناڪابندي ڪري ھا جوابدار گرفتار ٿين متاثر غازي خان لاشاري، ثناءُ لاشاري، عثمان ڪوريجو ۽ ٻين جو الزام هنيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.