نصير آباد ۾بدامني خلاف شهري سراپا احتجاج، ريلي، ٽائرن کي باهيون، ڌرڻو

نصيرآباد(ن ع آ) اڄ ٻئي ڏينھن بہ شھر جي ترجمان سماجي اداري شھري اتحاد نصيرآباد پاران بدامنيءَ خلاف اعلانيل احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سينگار نوناري، معشوق ڦلپوٽو، جاويد ڳنواس، عاشق ڪلھوڙو، ابراھيم  چانڊيو، اظھر منگي، دلدار ايريءٓ جي اڳواڻي ۾ نوناري محلي کان فاضل راهو چوڪ تائين نڪتل احتجاجي ريليءَ کي خطاب ڪندي اڳواڻن سينگار نوناري، عاشق ڪلھوڙو، دلدار ايري، ايڊووڪيٽ يوسف پتوجو، مرتضيٰ چانڊيو، مولانا ياسين ڪانڌڙو، اشفاق مسڻ، گلزار شيخ  ۽ ٻين چيو تہ ھٿ وٺي شھر ۽ تر اندر بدامني ڦھلائي پئي وڃي. لڳاتار ٿيندڙ وارداتن سبب شھري پاڻ کي غير محفوظ سمجھن پيا. مطالبو فقط امن امان بحال ڪرائڻ جو ڪيو آھي پر انتظاميا ڪا ذميواراڻي موٽ ڏيڻ کان نابري واريون بيٺي آھي. اتحاد جي سھڪاري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي گھرائي وڌيڪ لائحه عمل جوڙڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.