عوامي آواز پاران اعلانيل سرداري نظام کان ڇوٽڪارو جي سري ھيٺ تقريب

جمال شاھ(ن ع آ)عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران اعلانيل سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو جي سري ھيٺ جمال شاھ ڀرسان گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪولخان مشوري ۾ استادن ھيڊ ماستر نظير احمد، دين محمد شاھي، سھيل چوھاڻ ۽ شاگردن پاران 5 ڊسمبر تي ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جي حوالي سان پروقار تقريب ٿي گذري، ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن ثقافتي ڊريس ۽ اجرڪ ٽوپيون پائي وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته شاگردن پاران قومي گيتن تي ثقافتي رقص ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، جڏھن ته ھن ثقافتي تقريب جو خاص مھمان ناميارو اديب، ليکڪ رياض مشوري ۽ صحافي علي دوست خاصخيلي جن ھئا، ان موقعي تي ھنن خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ثقافت 5 ھزار سال پراڻي آهي، اسان پنھنجي ثقافت، سنڌي ٻوليءَ، اجرڪ ۽ ٽوپي سان تمام گهڻو پيار ڪريون ٿا، ھنن چيو ته اسان جي تھذيب تمام گهڻو شاندار رھي آھي، اسان سنڌي اصل کان وٺي مھمان نواز پڻ رھيا آھيون، ۽ اسان جي مھمان نوازي پڻ تمام گهڻو مشھور آھي، اسان کي گھرجي ته پنھنجي ٻارڙن کي پنھنجي ثقافت بابت معلومات فراھم ڪريون تہ جيئن مستقبل ۾ اھي پنھنجي سنڌ ڌرتيءَ جي بھتري لاءِ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.