10 بلين ٽري سونامي، گلاسگو ڪانفرنس جي آڊٽ ۽ جاچ جوحڪم

اسلام آباد (م ڊ) موسمياتي تبديلي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڊاڪٽر منزا حسن جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر ميجر (ر) طاهر صادق پنهنجي ئي حڪومت تي تنقيد ڪئي. طاهر صادق چيو ته موسمياتي تبديلي ڪانفرنس لاءِ پرڏيهي فنڊن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿي آهي، 10 بلين ٽري منصوبي جي ٽئين پارٽي کان آڊٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. هن الزام هنيو ته منصوبي تي 35 ڪروڙ 35 لک رپيا خرچ ڪيا ويا، جنهن جو ذميوار موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل کي قرار ڏنو ويندو.زرتاج گل چيو ته آڊٽ ٿيڻ  جنهن قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سي او پي 26 ڪانفرنس ۽ گلاسگو ۾ 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ ۾ ڪرپشن ۽ مالي بي ضابطگين جي الزامن جي انڪوائري ۽ ٽئين پارٽي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.