مريم جي مبينه آڊيو جي انڪوائري ڪئي پئي وڃي: فرخ حبيب

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ مريم صفدر جي آڊيو بابت جاچ مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ جي دوران ڪيو. ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته ڪنهن کي ته تمام گهڻا اشتهار ملي رهيا آهن ۽ ڪنهن کي نه هجڻ جي برابر آهن، ڪميٽي جي چيئرمين ن ليگ دور ۾ ميڊيا چئنلز کي ڏنل اشتهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.