ڪراچي بار جون چونڊون 18 ڊسمبر تي ٿينديون، صدارت تي ٽن اميدوارن ۾ دنگل

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي بار جون چونڊون 18 ڊسمبر تي ٿينديون، ان حوالي سان چونڊن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جون ذميواريون ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ نڀائيندو، جنهن اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، صدارت جي عهدي تي ٽن اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، جن ۾ اشفاق لي گلال، محمد نديم قريشي، ظهور محسود شامل هوندا، جڏهن ته نائب صدر جي عهدي تي نعيم ڀٽو، عبدالحميد، راحيلا خان سميت 7 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، اهڙي طرح جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي عابد فروزي، وقار عالم ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن، جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي سيد نعمت الله سميت 10 اميدوار قسمت آزمائيندا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.