گمبٽ ۾ ثقافتي تقريب، سرداري نظام مدي خارج قرار

گمبٽ (رپورٽ: الھداد اڄڻ + محمد علي اڄڻ ) عوامي آواز ميڊيا گروپ جي اعلان تي سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو جي عنوان سان گمبٽ  جي ڳوٺ محمد بخش ڄامڙو ۾   استاد لطف سهتي ۽ غلام سرور ڄامڙي پاران ھڪ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ علمي ادبي سماجي اڳواڻن صحافين استادن، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن راز علي گل ڀٽو، نظير احمد سروهي، گسٽا اڳواڻ استاد نورالدين پنهور،ميان زبير احمد پيرزادو ،ڪشور ڪمار استاد لطف سهتي، غلام سرور ڄامڙو ،استاد عبدالحليم سومرو عبدالرزاق اڄڻ. عبدالحڪيم شر. انور حسین سمون، اعجاز لاشاري. اصغر لاشاري، ممتاز علي ميمڻ، شفيق احمد کهڙو حفيظ منگي رمضان کھڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي اڳواڻن ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي عوامي آواز ميڊيا گروپ سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو آواز آهي سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي تي عوامي آواز ٽي وي ۽ عوامي آواز اخبار پنهنجو پاڻ ملهائي سنڌ جي مظلوم ماڻهن سان گڏ بيٺل آهي، ۽ هاڻي جيڪو عوامي آواز ميڊيا گروپ طرفان ” سنڌ جو نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو ” جو اعلان ڪيو آهي جيڪو سنڌ جي لاءِ وقتائتو فيصلو آهي، سرداري نظام مان ڇوٽڪارو به تعليم سان ئي ممڪن آهي جيترو ماڻهو تعليم حاصل ڪندو اوترو ماڻهن ۾ شعور پيدا ٿيندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.