ڪراچي ۾ ويڪسينيٽرن جي 28هين ڏينهن به بک هڙتال

ڪراچي(رپورٽر) ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي سنڌ جي ويڪسنيٽرن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ 28 هين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي،ان موقعي اڳواڻن مولابخش چانڊيو،خدا بخش قريشي،غياث الدين، ،نصرالله ميمڻ، نثار منگي ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت روبيلا جي مهم نان ٽيڪنيل ماڻهن۽ ماسترن کي شروع ڪرائي ڪيترن ئي ٻارن جي زندگي خطري وجهي ڇڏي آهي،هنن چيو ته ڪراچي سميت ٻين ڪيترن ئي ضلعن ۾ نان ٽيڪنيڪل ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن اسان دعوا ٿا ڪريون اها وئڪسنيشين نان ٽيڪينل تي پري جي ڳالهه آهي ڪو ميڊيڪل آفيسر به نٿو ڪري سگهي،جيڪي ماڻهو روبيلا مهم ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي اها ئي خبر ناهي ته وئڪسين جو اهتمام ڪيئن ڪجي ۽ وئڪسين ڪيئن ڪئي ويندي آهي،رڳو وئڪسين هڻڻ جي ڳالهه ناهي هنن جا جيڪي انفيڪيشن ٿيندا آهن ان جو ذميوار ڪير آهي،هن وقت به ڪيترائي ٻار آهن جيڪي وئڪسين ڪرائڻ کان بخار ۾ وٺجي ويا آهن. هنن چيو ته اسان گهران ڪفن ٻڌي پنهنجي حق لاءِ نڪتا آهيون يا حق وٺي وينداسين ڪفن ٻڌي وينداسين،احتجاج جي تحريڪ جاري آهي ۽ حق نه ملڻ تي تائين جاري رهندي، الله بخش سنگراسي،راڻا ناصر، راڻا طاهر، گل محمد مڱريو، نظر محمد ٿيٻو، حسيب ميتلو، شاهد هڱورجو به موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.