عمران کي ووٽ ڏيندڙ هاڻي رستن تي گاريون پيا ڏين: فضل الرحمان

سکر(رپورٽر) جي يو آءِ مرڪزي امير ۽ پي ڊي ايم جي سربراھ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران سرڪار جي غلط پاليسين سبب ملڪجي معيشيت تباهه ٿي چڪي آهي، پرڏيهي پاليسي ناڪام بڻجي وئي آهي، هن چيو ته سياست عمران خان جي وس جي ڳالھه نه آهي هن کي گهرجي ته ڪرڪيٽ جي اڪيڊمي کولي، جن ماڻهن عمران خان کي ووٽ ڏنو هاڻ اهي ئي کيس رستن تي گاريون ڏئي رهيا آهن، اھڙن خيالن جواظھار ھن سکر جي مدرسي منزل گاھ ۾ جي يو آءِ جي صوبائي اڳواڻ مفتي سعودافضل ھاليجوي ۽ حافظ ارشد محمود ھاليجوي سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت دوران ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ڪيل سياسي، سماجي، مذھبي خدمتن کي ھميشا ياد رکيو ويندو. سکر ۾ عوامي مسئلن کي حل ڪرائڻ  لاءِ آفيس جو افتتاح  ڪندي هن چيو ته  جي يو آءِ عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنھنجي جدوجھد کي جاري رکندي سنڌ ۾ مونکي اسلامي نظام نظر اچي رھيو آھي. ان موقعي تي علامه راشد محمود سومرو، سيد سراج احمد شاھ امروٽي ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.