آباد جو نسلا ٽاور معاملي تي عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪراچي (  رپورٽر) ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊيولپرز (آباد) جي چيئرمين محسن شيخاڻي نسلا ٽاور جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محسن شيخاڻي چيو ته اسان غير قانوني اڏاوتن خلاف آهيون، جنهن به غير قانوني اڏاوت ڪئي آهي، ان جو واسطو آباد سان ناهي. هن چيو ته شهر جو ماسٽر پلان جوڙڻ گهرجي  جنهن لاءِ اسان ادارن سان ملڻ لاءِ تيار آهيون. سندس چوڻ هو ته عمارتن جي اڏاوت لاءِ سنگل اٿارٽي هجڻ گهرجي، نسلا ٽاور جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ عدالت وڃي رهيا آهيون، انڪوائري ڪميشن ويهي ۽ سڀني معاملن تي حڪمت عملي طئي ڪري. اسان کي اپيل جو حق آهي، جيڪو به ادارو ذميوار هجي اهو معاوضو ادا ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.