ڪرتارپور درٻار ۾ عورت جي ماڊلنگ تي تنقيد، پنجاب سرڪار نوٽيس ورتو

لاهور (م ڊ) سکن جي  مقدس هنڌ ڪرتارپور  ۾ گوردواري اڳيان فيشن ڊزائنر پاران ماڊلنگ تي پاڪستان توڙي ڀارت ۾ سخت تنقيد ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پنجاب جي وڏي وزير به نوٽيس ورتو آهي.  پاڪستاني ڊزائن جو وڳو پهريل عورت درٻار صاحب ٻاهران ماڊلنگ جي تصوير سامهون اچڻ بعد سخت تنقيد ڪئي وئي، ڀارتي صحافي روبن سنگهه عمران خان ۽ مذهبي آفيشل اڪائونٽ کي ٽيگ ڪندي شڪايت ڪئي ته مٿو ڍڪڻ کان سواءِ ماڊلنگ ڪرڻ تي سک برادري جا جذبا مجروح ٿيا آهن. اهو نه صرف شوٽ ڪيو ويو پر سوشل ميڊيا تي رکيو به ويو. ان جي جواب ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري به تنقيد ڪئي. هن ڊزائينر ۽ ماڊل کان سک برادري کان معافي جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته اهو ڪو فلم سيٽ ناهي، هڪ مذهبي هنڌ آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سکن جي مذهبي هنڌ ڪرتارپور گوردوارا جي احاطي ۾ ماڊلنگ جو نوٽيس ورتو. عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته ماڊلنگ جي اجازت ڏيندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.