سيسي ۾ مقامي ملازم ڀرتي نه ڪرڻ تي سيڪريٽري ۽ ڪمشنر کي توهين عدالت جا نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سيسي ۾ مقامي ملازم ڀرتي ڪرڻ ۽  ملازمن جي پگھارن مان ڪٽوتي نھ ڪرڻ واري حڪم تي عمل نھ ڪرڻ  خلاف داخل ڪيل  توھين عدالت درخواست  تي پورھئي واري کاتي جي سيڪريٽري ۽ سيسي جي ڪمشنر کي نوٽيس جاري ڪري 14 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آھي. عدالت اھڙو حڪم ڪالھھ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجھ اظھار الحسن پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواست ۾ اھو موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ سنڌ سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ (سيسي) ۾ ڪم ڪندڙ پھرين کان چوٿين گريڊ تائين مقامي ماڻھن کي ملازم طور ڀرتي ڪرڻ ۽ سندن پگھارن مان ڪا ڪٽوتي نھ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو پر ان باوجود سيسي جي انتظاميھ عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي ٽيسٽ ۽ ٻين بھانن سان ھر ملازم جي پگھار مان پنج سئو رپيا ڪاٽي رھي آھي جيڪو توھين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.