لاهور هاءِ ڪورٽ پاران گئس کوٽ خلاف درخواست ٻڌڻ نه جوڳي قرار

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ لاهور شهر ۾ گئس جي کوٽ خلاف درخواست ٻڌڻ جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت قرار ڏنو ته اهڙو ڪو به حڪم جاري نٿو ڪري سگهجي جنهن تي عملدرآمد نه ٿي سگهي، گئس جي کوٽ ضرور آهي پر ان جو مقصد اهو ناهي ته حڪومتي مشينري ڪم نه ڪري رهي آهي. ٻڌڻي دوران عدالت درخواست گذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته آئين جي آرٽيڪل 199 تحت ڪهڙي طرح هي درخواست دائر ڪئي؟ گئس جي کوٽ جو ذميوار ڪير آهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.