وفاق اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ بدليون مقرريون ڪري ٿو:مراد علي شاهه

خيرپور(ڊ ر+م ڊ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته ملڪ جو وزير اعظم خان صاحب بغير اعتماد وٺڻ جي سنڌ ۾ مقرريون ۽ بدليون ٿو ڪري جنهن جي آگاھي اسان چيف جسٽس کي ڏئي ڇڏي آهي اهڙي ڳالهھ هن خيرپور ۾ پ پ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جي ڀاءُ ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ جي ڀاڻيجي اڳوڻي وفاقي وزير سيد پرويز علي شاھ جي تعزيت ڪرڻ دوران آيل صحافين ڪارڪنن ۽ شهرين سان ڳالهائيندي ڪئي هن چيو ته سنڌ ۾ مقرر ٿيل ڊي  آءِ جيز جون جيڪي بدليون وفاق جي حڪم تي ڪيون ويون آهن اهي سڀ روڪيون ويون آهن ڇو ته سنڌ کي اڃان سٺن پوليس آفيسرن جي ضرورت آهي  هن چيو ته روٽيشن پاليسي  تحت ڪوبه سنڌ جو آفيسر ٻئي صوبي ۾ نه موڪليو ويندو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نسلا ٽاور جيڪو مسمار ڪيو ٿو وڃي اهو هڪ عدالتي حڪم آهي ان تحت کيس مسمار ڪيو ٿو وڃي مان اهو ضرور چوندس ته نسلا ٽاور جي ڊهڻ سان سان وڏو نقصان ٿيندو هن چيو ته عدالتي حڪم جي پاسداري ضرور ڪئي ويندي ايريگيشن روڊس  ۽ ٻين سرڪاري ملڪيتن تي ڪيل غيرقانوني قبضا هڪدم ختم ڪرايا ويندا تنهن ڪري آفيسرن کي لکي ڇڏيو آهي ته هو غيرقانوني قبضا ختم ڪرائين ،نسلا ٽاور تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڪوشش هوندي ته ماڻهن جي جمع بچي وڃي، ڪا بيقاعدگي آهي ته درست ٿي سگهي ٿي،آفيسر جي غلطي هوندي ته ان کي سزا ڏني ويندي، غلطي درست ٿي سگهي ته ڪابينا الڳ قانون بڻائي سگهي ٿي،بلڊر جي غلطي آهي ته ان کان ڏنڊ وٺنداسين، سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي نگراني ۾ڪميشن ٺاهڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، ان موقعي تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاھ جيلاني،پ پ ايم اين اي سيد جاويد علي شاھ جيلاني،صوبائي وزير سيد ناصر علي شاھ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.