اسلام آباد(م ڊ) ريئل اسٽيٽ ايجنٽس جي ايف بي آر مان رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وئي اهي، ايف بي آر مطابق ڪا سرڪاري يا نجي اٿارٽي غير رجسٽرڊ ايجنٽس سان ڏيتي ليتي نه ڪري سگهندي،غيرمنقوله پراپرٽي جي ٽرانسفر يا منتقلي نه ٿي سگهي سگهندي، ڀڃڪڙي تي مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ قانون تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، تعميرات،پراپرٽي جي خريد ۽ وڪري يا ملڪيتي حقن جي منتقلي مشروط هوندي، سمورين هائوسنگ ۽ ڪارپوريٽ هائوسنگ سوسائٽين تي اهو شرط لاڳو هوندو، ريئل اسٽيٽ ايجنٽس کي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ وٺڻو پوندو،رهائشي يا ڪمرشل مقصدن لاءِ ڊولپمينٽ اسڪيمن تي به اهو شرط لاڳو هوندو