60 سال صحافت کي ارپيندڙ ناميارو صحافي ضياءُ الدين لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد(م ڊ) ناليوارو صحافي محمد ضياءُ الدين لاڏاڻو ڪري ويو آهي، محمد ضياءُ الدين اسلام آباد ۾ 83 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو. ضياءُ الدين 1964ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان صحافت جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ ان ئي سال پاڪستان پريس انٽرنيشنل ۾ رپورٽر طور ڪم ڪيو.  60 سالن تائين پکڙيل صحافتي ڪيريئر ۾ هن ڊان، دي نيوز انٽرنيشنل، ايڪسپريس ٽربيون ۽ ٻين ادارن ۾ ڪم ڪيو. هو پاڪستان يونين آف جرنلسٽ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل طور ڪم ڪيو ۽ 2002ع ۾ سيفما جي صدر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. صحافين سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. مبشر زيدي چيو ته هو پاڪستاني صحافت جو آئيڪن هو. ناصر جمال چيو ته صحافت جي علم بردارن ۾ آهي، هن جوانن جي رهنمائي ڪئي. فواد چوڌري به کيس ڀيٽا پيش ڪئي. سينئر صحافي حامد مير چيو ته اڌ صدي کان وڌيڪ تجربو رکندڙ هن شخص مان اسان به سکيو. دي نيوز جي ايڊيٽر زيب النساءُ برڪي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هو پنهنجي پيشي ۾ مهارت رکندو هو. مظهر عباس چيو ته هو نوجوان صحافين لاءِ اڳواڻ هو.  هوڏانهن سي پي اين اي جي وقتي صدر ڪاظم خان، عامر محمود ۽ ٻين ضياءُ الدين جي وفات تي انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو. ڪي يوجي صدر اعجاز خان ۽ سيڪريٽري جنرل عاجز جمالي به انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.