سنڌ سرڪار پاران ضابطن خلاف ٺهيل عمارتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي/پشاور(م ڊ)سنڌ سرڪار  ضابطي خلاف بڻايل رهائشي يونٽ ريگيولرائز ڪرڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي،سنڌ حڪومت جي قانوني ماهرن آرڊيننس جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي، سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ آرڊيننس گورنر کي منظوري لاءِ موڪليو ويندو، ضابطي خلاف بڻايل رهائشي يونٽ کي هڪ ڀيرو کي ريگولر ڪيو ويندو، آرديننس ذريعي اڳوڻي جج جي نگراني ۾ ڪميشن قائم ڪئي ويندي، هڪ مقرر مدي تائين غيرقانوني بڻايل تجارتي پلازائن کي ريگيولرائز ڪيو ويندو، هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته صوبائي حڪومت کي خلاف ضابطا بڻايل غيرقانوني عمارتن کي ريگيولرائز ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي ته ڇو ته ان سان لکين پاڪستانين جون زندگيون متاثر ٿيون آهن، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ ماضي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو الله نه ڪري دنيا جي ڪنهن شهر سان ٿئي، ڪراچي ۾ گذريل 25 کان 30 سالن ۾ جنهن قسم جي بربادي ٿي آهي،باقي شهر ان کان بچيل هئا،هن چيو ته گذريل 12،13 سالن ۾ ڪراچي ۾ بهتري آئي آهي، هاڻي امن امان جي صورتحال ڪراچي ۾ گهڻي بهتر آهي، ترقياتي ڪم به گهڻا ٿيا آهن، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا گئس بحران تي ڪوڙ پيا ڳالهائن، ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿئي ٿو ته ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو وڃي ٿو، پنجاب ۾ 66 لک ٽن ڪڻڪ ڪيڏانهن هلي وئي؟ هن چيو ته کنڊ جو اگهه 150 رپيا ڪلو ٿئي ٿو ته وزيراعظم چوي ٿو ته سنڌ حڪومت ٽن شگرملن جي ڪرشنگ بند ڪرائي ڇڏي، اسان پڇي پڇي ٿڪجي پياسين ته اهي ڪهڙيون شگرملون آهن، هاڻي ڀاڻ بحران تي به انهن جي فنڪارن چوڻ شروع ڪيو آهي ته سنڌ ۾ سموري ذخيره اندوزي ٿي رهي آهي‏، وزيراعظم ٻڌائي ته ڪٿي ڪير ذخيرو ڪري رهيو آهي ته جيئن اسان انهن خلاف ڪارروائي ڪريون، نسلا ٽاور جي حوالي سان سعيد غني چيو ته سنڌ ئي نه بلڪه سموري پاڪستان ۾ ٿيندڙ اڏاوتن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڀڃڪڙي ٿي ويندي آهي،عمران خان جو پنهنجو گهر بني گالا ڀڃڪڙي جي نتيجي ۾ ٺهيو، 22 لک ڏنڊ مڙهي ان کي به ريگيولرائز ڪيو ويو، بحريا ٽائون تي سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو، انهن جي ڪم ۾ سپريم ڪورٽ کي ڪجهه بي ضابطگيون نظر آيون ۽ انهن تي 460 ارب ڏنڊ مڙهي ان کي ريگيولرائز ڪيو ويو،هن چيو ته پنجاب ۾ حڪومت 6 هزار کان وڌيڪ خلاف ضابطا سوسائٽين کي ريگيولر ڪري رهي آهي، ان لاءِ انهن سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ ڪميشن بڻائي ڇڏي آهي، اهو ئي پئمانو سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڇو ناهي؟ هن نسلا ٽاور جو حوالو ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت اهو چاهي ٿي ته اهي ماڻهو جيڪي اهڙين عمارتن ۾ رهن ٿا جتي قانون جي ڀڃڪڙي ٿي وئي آهي، اهي گهر جيڪي ڪنهن رفاعي پلاٽ تي بڻايا ويا آهن جيڪي ايم ڪيو ايم قبضا ڪري بڻايا آهن يا ڪنهن سرڪاري پلات تي ڪا آبادي ويهي رهي آهي ته اسان کي ان کي ريگيولر ڪرڻ جي اجازت هئڻ گهرجي، هن چيو ته عدالتن جا جهڙي قسم جا حڪم اچي رهيا آهن جيڪڏهن انهن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو ته سنڌ ۾ هزارين نه لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.