واپارين پاران اڄ وزيراعظم آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) انجمن تاجران پاڪستان اڄ وزيراعظم آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انجمن جي صدر اجمل بلوچ چيو آهي ته صدارتي آرڊيننس ذريعي لاڳو سمورن قانونن کي رد ڪريون ٿا، پوائنٽ آفيس سيل سسٽم لاڳو ڪرڻ نا ممڪن آهي، هن چيو ته جڏهن کان ناڻي وارو صلاحڪار آيو آهي، عوام ۽ واپارين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، مهانگائي سبب عام ماڻهو تمام گهڻو پريشان آهي، هن چيو ته ڪراچي ۽ پشاور سميت سڄي ملڪ جا واپاري اڄ اسلام آباد ۾ گڏ ٿين، اجمل بلوچ مطالبو ڪيو ته 80 لک واپارين لاءِ فڪسڊ ٽيڪس نظام لاڳو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.