ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ايم اين ايز کي جاري ڪيل فنڊن جا تفصيل طلب

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ  جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ وفاقي سرڪار پاران ڪراچي مان چونڊيل پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ايم اين ايز کي ڏنل  ترقياتي  فنڊز جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، ڪياماڙي ۽ ملير جي ٽن تڪن اين اي 236- 238 ۽ 248 تي پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز عبدالقادر پٽيل، ڄام عبدالڪريم بجار ۽ آغا رفيع الله جي وڪيل وزير کوسو پاران داخل ڪيل درخواست ۾ وفاقي سرڪار، پاڪ پي ڊبليو ڊي ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي اھو موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ وفاقي سرڪار ڪراچي مان چونڊيل ايم اين ايز کي سندن تڪن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪروڙين رپين جا فنڊز فراھم ڪيا آھن پر ان ڏس ۾ وفاقي سرڪار چونڊيل ايم اين ايز سان امتيازي سلوڪ ڪندي ڪراچي مان چونڊيل رڳو تحريڪ انصاف ۽ ان جي اتحادي ايم ڪيو ايم جي ايم اين ايز کي فنڊز فراھم ڪيا آھن جڏھن تھ درخواستگذار ڪياماڙي جي تڪ اين اي 236 ۽ ملير جي ٻن تڪن اين اي 238 ۽ اين اي 248 تي چونڊيل ايم اين ايز آھن جن کي فنڊز فراھم نھ ڪيا آھن جيڪو آئين ۽ قانون جي خلاف آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.