تعليمي وزير ڪورونا ويرينٽ کان اڻڄاڻ، روڪڻ ناممڪن آهي: اسد عمر

اسلام آباد (م ڊ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سربراهه اسد عمر ڪورونا جي نئين ويرينٽ اومي ڪرون کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته ڪورونا جو نئون ويرينٽ انتهائي خطرناڪ آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ پکڙجي رهيو آهي ۽ نئين قسم جي حوالي سان اين سي او سي ڪجهه فيصلا ڪيا آهن، هاءِ رسڪ ايرياز ۾ ٽيسٽنگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گڏوگڏ ڪورونا ٽيسٽنگ ۾ به تيزي آڻڻ ۽ اثرائتو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نئين قسم کان بچاءَ لاءِ ويڪسينيشن ئي اڪيلو ذريعو آهي. هوڏانهن تعليم واري وزير شفقت محمود چيو ته ڪورونا جي نئين قسم جي خبر ناهي، باقي تعليمي سرگرميون جاري رهندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.