ڌاٻيجي انڊسٽريل زون انفرا اسٽرڪچر جوڙڻ خلاف اسٽي ۾ واڌ، سنڌ سرڪار کان جواب طالب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سي پيڪ تحت سنڌ انڊسٽريل زون اٿارٽي جي ھوندي سنڌ حڪومت پاران ڌاٻيجي انڊسٽريل زون انفرااسٽرڪچر جوڙڻ خلاف منع نامي ۾ واڌ ڪندي سنڌ حڪومت کان اڄ تائين جواب طلب ڪري ورتو آھي، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه سنڌ حڪومت جي ڌاٻيجي انڊسٽريل زون جوڙڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع تحت سنڌ حڪومت ڪمپني نه ٿي بڻائي سگهي جڏهن ته ڌاٻيجي انڊسٽريل زون سي پيڪ جو حصو آهي. ان مقصد لاءِ سنڌ انڊسٽريل زون اٿارٽي اڳواٽ ئي موجود آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان ڪمپني ٺاهڻ جو مقصد سي پيڪ تحت ملندڙ رقم هضم ڪرڻ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.