فلاحي پلاٽن تي قبضي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي ۾ فلاحي پلاٽن تي قبضي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل ايڊووڪيٽ لياقت بلوچ پاران داخل ڪيل درخواست ۾ ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي، اينٽي انڪروچمينٽ ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق فلاحي پلاٽس جي نه ليز ڏئي سگهجي ٿي نه ئي وري انهن کي ڪمرشل توڙي رهائشي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو پر تنهن هوندي به ڪي ڊي اي ۽ ڪي ايم سي سوين فلاحي پلاٽ ليز ڪري رهيون آهن تنهن ڪري عدالت کي گذارش آهي ته فلاحي پلاٽس تان حددخلين جي خاتمي جو حڪم ڏنو وڃي ۽ سڄي شهر جي پارڪن ۽ راندين جي ميدانن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.