سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ سجاڳ ٿيڻو پوندو: صنعان قريشي

حيدرآباد/دادو /ڪنڌ ڪوٽ (نمائندا ) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سجاڳ ٿيڻو پوندو، هن چيو ته وڏي تيزي سان ڌاري آبادي کي سرڪار هٿ وٺي سنڌ جي شهرن ۾ آباد ڪري رهي آهي، جيڪو عمل غير قانوني آهي، ڌاري آبادي اڳئي سنڌ تي معاشي بار آهي، ويتر ڌاري آبادي کي سنڌ ۾ سموريون سهولتون ڏئي آباد ڪيو پيو وڃي، ٻئي  پاسي ديدار شام وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽر نوشين جو لاش ملڻ خلاف جسقم جي سڏ تي دادو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، دادو غريب آباد مان جسقم دادو ضلعي جي چيف آرگنائيزر منصور جمالي ،آرگنائيزر نياز چنو، غازي سنڌي، اعظم شاھ بخاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دادو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي سخت احتجاج ڪيو، جڏهن ته ڪنڌ ڪوٽ ۾ جسقم ۽ جساف پاران جسقم اڳواڻ ولي ڏنو، جساف اڳواڻ حفيظ سنڌي،بشام سنڌي جي اڳواڻي ۾ شهر ۾ ريلي ڪڍي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.