آءِ ايم ايف شرط دفاعي صلاحيت کي مفلوج بڻائيندا: شهباز شريف

اسلام آباد (م ڊ ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جون شرطون دفاعي صلاحيت ۽ نظام حڪومت کي مفلوج بڻائينديون. حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوڙي ثابت ٿي وئي. مني بجيٽ رپورٽون قومي سلامتي لاءِ خطري جي گھنٽي آهن. هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي معاشي خودمختاري خلاف سازش ثابت ٿي چڪي آهي، حڪمران اسٽيٽ بينڪ ۽ جي ايس ٽي قانون سازي سان پاڪستان کي آءِ ايم ايف جو معاشي غلام بڻائيندا، حڪومت پاڪستان کي آءِ ايم ايف جو وائسراءِ بڻائي ڇڏيندي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن سان دفاعي صلاحيت ۽ نظام حڪومت کي مفلوج ٿيڻ جو خطرو آهي. هن وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته عمران نيازي استعيفيٰ ڏئي، حڪمران اتحادي پارٽيون مني بجيٽ خلاف اٿن. متحده اپوزيشن سان گڏجي ڪرماني بجيٽ ۽ قانون سازي جو مقابلو ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.