نوشين ڪاظمي جي خون سان انصاف لاءِ مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي خون سان انصاف ۽ واقعي جي سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل ڪميشن کان جاچ ڪرائڻ لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھري کي خطاب ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عاطف ملاح، حميد انقلابي، اياز صالح پليجي، ڪبير ڀيل، ڪاشف ملاح، علي رضا جلباڻي، اشوڪ ڪمار، محبوب “رڪ” راهوجي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن مان نياڻين جا لاش پيا ملن،ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم جساف پاران والي ڏنو سبزوئي،حفيظ سنڌي،نصيب الله کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، هوڏانهن سنڌي شاگرد تحريڪ (ڪيو اي ٽي) ڪراچي پاران ڪراچي سچل ڳوٺ ۾  جميل رخشاڻي مقصود سومرو، نواز سانگي، مدثر سرڪي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي سچل تي ميڻ بتيون ٻاري ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته تعليمي درسگاهن کي هٿ وٺي مقتل گاہ بڻايو پيو وڃي،نوشين ڪاظمي جي مبينا خودڪشي جي  صاف شفاف جانچ ڪئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.