تحريڪ لبيڪ جا 32 ڪارڪن ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ واري ڪيس مان آزاد

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي جي انت واري عدالت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد رضوي جي گرفتاري کان پوءِ شهر ۾ هنگامو/ڏسو صفحو 7 ڪالم 5 ڪرڻ ۽ ملڪيتن کان باهيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ٽي ايل پي جي جنيد هاشمي، حافظ عالم ۽ حبيب سميت 32 جوابدارن کي ثبوت نه هئڻ سبب آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل جوابدارن کي پيش ڪرڻ تي ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته استغاثه جوابدارن خلاف پڪا ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي کارادر پوليس 12 اپريل 2012ع تي گرفتار ڪيو هو جوابدار سعد رضوي جي گرفتاري کان پوءِ کارادر ۾ هنگامو ۽ باهيون ڏئي رهيا هئا. ان موقعي تي جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته استغاثه طرفان جوابدارن تي جيڪي الزام لڳايا ويا آهن اهي بي بنياد آهن. عدالت چيو ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪو ٻيو ڪيس ناهي ته کين آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.