قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ڦاهي واري سزا عمر قيد ۾ تبديل

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا خلاف اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي جوابدار قريش خان کي بري ڪرڻ واري اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ ڦاهي جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي، پوليس موجب جوابدار قريش خان 2013 ۾ ڪياماڙي ڪراچي ۾ پلاٽ جي تڪرار تان قائرنگ ڪري ارشد جدون کي قتل ڪيو هو.

  • ڪراچي سهراب ڳوٺ کي ڪڙو، ڦورو گرفتار، 3 ڦورو ساٿي فرار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي لاسي ڳوٺ نوراني مسجد جي ويجهو دوڪان ۾ڦر جي ڪوشش ڪندڙ ڦورن جو پوليس گهيرو ڪري هڪ ڦورو کي گرفتار ڪري ورتو ۽ 3 ڦورو فرار ٿي ويا، جوابدار دوڪان کان موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته گشت دوران پوليس کين روڪي ورتو جوابدارن کان غيرقانوني اسلحو پستول ھٿ ڪيو

 

  • ڪراچي مان اغوا ڪيل واپاري کان ڀنگ وٺندڙ گرفتار

ڪراچي ( رپوٽر ) ڪراچي جي علائقي صدر اليڪٽرانڪ مارڪيٽ مان جي واپاري کي ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڪري سندس کان 51 لک ڀنگ وصول ڪري کيس حب چوڪي ۾ ڇڏيو ويو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مک جوابدار امام الدين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيا جوابدار ڪوئٽا فرار ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.