عدليه ناظم جوکئي جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي: عوامي راڄ تحريڪ

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ سيد خليل احمد شاهه، ايڊووڪيٽ عظميٰ ابڙو، اويس ڀٽي، خيام نظاماڻي، مهراڻ ڀٽو ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ان قتل ۾ ملوث سردار ۽ ٻين کي سزا ڏئي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ اندر وڌندڙ وڏيراشاهي ۽ سرداري نظام جي ڪري عوام عدم تحفظ جو شڪار آهي، اهو مسئلي جو حل ناهي ته ڪو وڏيرو يا سردار ڪنهن غريب ۽ مظلوم ماڻهو کي قتل ڪري ۽ بعد ۾ پئسا ڏئي دٻاءُ وجهي پاڻ کي آزاد ڪرائي ڇڏي. هنن چيو ته اهڙي نظام خلاف عوام کي اٿڻو پوندو هنن اعلان ڪندي چيو ته پهرين ڊسمبر تي اولڊ ڪيپمس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو .17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.