نيو ٽائون مان همراهه جو لاش ھٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي نيو ٽائون چورنگي جي ويجهو لاش ھٿ  واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي وڃي لاش کي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو جتي سندس جي سڃاڻپ محمد اڪبر طور ٿي آهي.

  • نارٿ ناظم آباد ۾  ڦورن جي گروهه سميت 2 سافٽ ويئر انجنيئر گرفتار

ڪراچي(رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد ٿاڻي جي پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي هڪ ڪارروائي ڪري چئن ڄڻن تي ٻڌل ڦورن جي هڪ گروهه سميت ٻن سافٽ ويئر انجنيئرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي سينٽرل ملڪ مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ دوران ڦورن موسيٰ ، جمال شاهه عرف بلوچ ، شير زمان عرف ملنگي ۽ شاه زمان ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۾ 100 کان وڌيڪ وارداتون ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. جوابدارن اهو به ٻڌايو آهي ته سافٽ ويئر انجنيئر راحيل ۽ عابد ڦر ۽ چوري جي موبائيل فونز جا بلاڪ کولڻ جو هڪ هزار ۽ آئي ايم اي آئي تبديل ڪرڻ جا 5 هزار وٺندا هئا.

  • ڪراچي ۾ فيڪٽري جي ڇت تان ڪري مزدور فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي دائود چورنگي جي ويجهو ڪمپني جي ڇت تان هڪ مزدور ڪري فوت ٿي ويو . مڙهه ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو جتي سندس جي سڃاڻپ نديم ولد محمد نواز طور ٿي آهي جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.